مريم مختيار شيخ

مريم مختيار شيخ

مريم مختيار شيخ

مريم مختيار شيخ (شهيد): پاڪستان ايئر فورس جي پهرين شهيد پائليٽ عورت مريم مختيار جو تعلق پني عاقل شهر سان هو. هن نياڻيءَ ڪرنل ريٽائر مختيار احمد شيخ جي گهر، پهرين جنوري 1993ع تي جنم ورتو. مريم ابتدائي تعليم جا ٻه درجا پني عاقل جي مهراڻ ماڊل اسڪول مان پڙهيا، جنهن بعد والد جي مختلف هنڌن تي بدلي ٿيڻ سبب مختلف شهرن مان پڙهندي، آرمي پبلڪ اسڪول ڪراچيءَ مان انٽرميڊئيٽ ڪئي. سندس والدين جو خيال هو ته هوءَ سٺي انجنيئر بڻجندي، پر مريم کي ننڍپڻ کان ايئرفورس ۾ وڃڻ جو شوق هيو، تنهنڪري اين. اِي. ڊي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿيڻ باوجود هن چئن مهينن کانپوءِ ايئر فورس ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏيئي، سنڌ جي پهرين عورت فلائنگ آفيسر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ساڻس گڏ 2 ٻيون ڇوڪريون پڻ ان مرحلي تائين پهتيون، پر آسامي هڪ هئڻ ڪري مريم کي سندس قابليت آڌار ميرٽ تي چونڊيو ويو. ايئر فورس ۾ محنت ڪندي 2007ع ۾ ليڊي پائلٽ آفيسر طور گرئجوئيشن ڪيائين. ساڻس گڏ ڇهه ٻيون ڇوڪريون به هيون. پاڪستان ايئر فورس ۾ ڪل 21 حاضر سروس عورتون پائلٽ موجود آهن، جن مان عائشه فاروق کي پهرين ويڙهاڪ پائلٽ خاتون جو اعزاز مليو، ساڳئي سٿ ۾ مريم مختيار به شامل رهي. پر هن پاڪستان جي پهرين شهيد پائلٽ خاتون جو اعزاز ماڻيو. 24 نومبر 2015ع تي مريم مختيار جي معمول جي تربيتي اڏام دوران ايف- 7 جيٽ جهاز ۾ فني خرابي ٿي پئي. نيوز رپورٽن موجب تربيتي اڏام دوران سندس جهاز چشما ڍنڍ ڀرسان ميانواليءَ جي حدن ۾ هو. فني خرابي ٿيڻ کانپوءِ مريم مختيار پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پيراشوٽ ذريعي ٽپو نه ڏنو، پر شهري آباديءَ کي بچائڻ لاءِ جهاز ۾ رهي، ان کي اڏائي شهري آباديءَ کان پري وڃي اسڪواڊرن ليڊر ثاقب عباسيءَ سان گڏ پيراشوٽ ذريعي ٽپو ڏنو. ٻئي شديد زخمي ٿيا، پر مريم مختيار اسپتال پهچڻ وقت شهيد ٿي وئي. سنڌ ڄائي نياڻي مريم مختيار کي سندس جرئت ۽ محنت سبب حياتيءَ ۾ ئي شهرت ملي. سندس مختلف انٽرويو بي بي سي نيوز چئنل، جيو ٽي وي ۽ ڊان گروپ سميت مختلف اخبارن ۾ پڻ ڇپيا، جن ۾ هوءَ ٻڌائيندي هئي ته کيس ننڍي هوندي کان آسمان ۾ اڏامندڙ جهاز وڻندا هئا ۽ هوءَ چاهيندي هئي ته پاڪستان ايئر فورس جوائن ڪري هوا ۾ اڏامندي رهان. قدرت سندس خواهش پوري ڪئي ۽ کيس سوين انساني جانيون بچائڻ سبب شهادت به ملي. مريم مختيار جي شهادت بعد سندس جنازي نماز ڪراچيءَ ۾ ادا ٿي، جنهن ۾ ايئر چيف مارشل سهيل امانَ سميت مختلف اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. گورنر سنڌ ۽ حڪومتي وزيرن سميت عام ماڻهن جو وڏو انگ تعزيت لاءِ سندس والدين وٽ پهتو. گورنر سنڌ، ڪراچيءَ ۾ تعمير ٿيندڙ هڪ فلاءِ اوور جو نالو به ‘مريم مختيار’ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سنڌ جي هن بهادر نياڻيءَ پنهنجي جان جي قرباني ڏئي سوين شهرين کي تباهيءَ کان بچايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.01.01  عيسوي

پاڪستان ايئر فورس جي پهرين شهيد پائليٽ عورت مريم مختيار پهرين جنوري 1993ع تي جنم ورتو.


2015.11.24  عيسوي

24 نومبر 2015ع تي مريم مختيار جي معمول جي تربيتي اڏام دوران ايف- 7 جيٽ جهاز ۾ فني خرابي ٿي پئي. نيوز رپورٽن موجب تربيتي اڏام دوران سندس جهاز چشما ڍنڍ ڀرسان ميانواليءَ جي حدن ۾ هو. فني خرابي ٿيڻ کانپوءِ مريم مختيار پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پيراشوٽ ذريعي ٽپو نه ڏنو، پر شهري آباديءَ کي بچائڻ لاءِ جهاز ۾ رهي، ان کي اڏائي شهري آباديءَ کان پري وڃي اسڪواڊرن ليڊر ثاقب عباسيءَ سان گڏ پيراشوٽ ذريعي ٽپو ڏنو. ٻئي شديد زخمي ٿيا، پر مريم مختيار اسپتال پهچڻ وقت شهيد ٿي وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليل بن بصري
عزيز قاسماڻي
عبدالغفور ميمڻ پروفيسر
زرداري مٺا خان
خواجه محمد صالح کڙائي
ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ
ڀائي خان شر
بي ايڇ ايلس
رحمت الله شيخ
چاڪر خان رند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون